پرٿ (ويب ڊيسڪ)پرٿ ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ آسٽريليا جي 487 رنسن جي جواب ۾ 271 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.پاڪستان ٽيم پنهنجي نامڪمل پهرين اننگز 132 رنسن تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي شروع ڪئي پر هڪ رنسن جو اضافو ٿيڻ بعد پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ ڪري پئي.خرم شهزاد 7 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي هٿان بولڊ ٿي ويو.پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ 70.5 اوورن ۾ 181 رنسن تي ڪري پئي جڏهن بابر اعظم 21 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.قومي ٽيم جي پنجين وڪيٽ 192 رنسن تي ڪري پئي، امام الحق 62 رنسن تي اسٽمپ ٿي ويو.پاڪستان جي ڇهين وڪيٽ 195 رنسن تي ڪري پئي، سرفراز احمد 3 رنسون ٺاهي مچل اسٽارڪ جي هٿان بولڊ ٿي ويو.










