پرينيتي ۽ راگھو چڌا جي شادي 24 سيپٽمبر تي اڌي پور ۾ ٿيندي

پرينيتي ۽ راگھو چڌا جي شادي 24 سيپٽمبر تي اڌي پور ۾ ٿيندي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ ڀارتي سياستدان راگھو چڌا جي شادي جو دعوت نامو جاري ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي جي شادي 24 سيپٽمبر تي ٿيندي. گهڻيون رسمون ادي پور ۾ ليلا محل ۾ ٿينديون.23 سيپٽمبر تي شادي جون رسمون صبح 10 وڳي شروع ٿينديون. گهوٽ ۽ ڪنوار پاران هڪ ئي ڏينهن شام 7 وڳي کان پوءِ دعوت جو بندوبست ڪيو ويو آهي.شادي جي تقريب 24 سيپٽمبر تي اودي پور جي تاج ڍنڍ محل ۾ ٿيندي، جنهن کانپوءِ گھوٽ ۽ ڪنوار 30 سيپٽمبر تي چندي گڑھ ۾ استقباليه تقريب منعقد ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو