پرينتي چوپڙا ۽ راگھو چڍا جي شادي ڪٿي ٿيندي؟

پرينتي چوپڙا ۽ راگھو چڍا جي شادي ڪٿي ٿيندي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ ڀارتي سياستدان راگھو چڌا جي شادي جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.هن جوڙي جي شادي جون تقريبون 17 سيپٽمبر کان ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر ادي پور ۾ شروع ٿيڻ واريون آهن.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب شادي ۽ لاڳاپيل تقريبون ادي پور جي ’دي ليلا پيلس‘ ۾ ٿينديون.رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته محل ۾ رڳو ويجهن ڪٽنب جا ميمبر ۽ دوست رهندا جڏهن ته محل جي آس پاس موجود سموريون لگزري هوٽلون ٻين مهمانن لاءِ بک ڪيون ويون آهن.رپورٽ موجب هن شادي جون سموريون تقريبون غير معمولي ۽ پنجابي رسم رواج موجب ٿينديون، جيڪي 25 سيپٽمبر تي پڄاڻي تي پهچنديون.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته شادي ۾ ڪيترائي سياستدان شرڪت ڪندا، ان ڪري هوٽلن کي سڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ پوليس شادي جي لاءِ مناسب سڪيورٽي پلان ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو