پري ناهي سري لنڪا جهڙي تحريڪ، جڏهن عوام روڊن تي نڪرندو: عمران خان

پري ناهي سري لنڪا جهڙي تحريڪ، جڏهن عوام روڊن تي نڪرندو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته اسان سريلنڪا جهڙي تحريڪ کان پري ناهيون. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان لکيو ته صرف 3 مهينن ۾ زرداري ۽ شريف مافيا ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طور گوڏن ڀر ڪري ڇڏيو آهي، هي مافيا پنهنجي لٽيل دولت بچائڻ لاءِ 30 سالن کان ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي. عمران خان چيو ته سوال اهو آهي ته رياستي ادارا ڪيتري وقت تائين اهڙي اجازت ڏيندا رهندا؟ هن وڌيڪ لکيو ته مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته اسان جي قوم سان ملاقات ۽ حقيقي آزاديءَ جي سڏ کانپوءِ مليل ردعمل اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني عوام هن مافيا کي وڌيڪ ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان سريلنڪا جي جيسي ناهيون. ان تحريڪ کان پري جڏهن ماڻهو روڊن تي نڪرندا.

پهنجو تبصرو موڪليو