لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت گجرات جي ترقياتي منصوبن ۾ 1 ارب 25 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو 29 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير امجد پرويز جي وڪيل چيو ته پرويز الاهي کي سومر تائين نيب حوالي ڪيو وڃي ته ڪو اعتراض نه هوندو.جج چيو ته اڱاري تائين رمانڊ نه ڏيندس ڇو ته مان سومر تي موجود نه آهيان. وڪيل امجد پرويز چيو ته اسان کي ذاتي ڊاڪٽر جي سهولت ڏني وڃي، نواز شريف کي به ذاتي ڊاڪٽر جي سهولت ڏني وئي، سومر تي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرائي.چوڌري پرويز الاهي چيو ته مان به ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، مون کي سڌو بيهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، ذاتي ڊاڪٽر کان منهنجو چيڪ اپ ڪرايو.










