اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرائيويٽ اسڪيم تحت حج 2026 لاءِ روانگي جي خواهشمند حاجين لاءِ خوشخبري آئي آهي، ذريعن موجب، مذهبي معاملن واري وزارت پرائيويٽ حج بڪنگ جي آخري تاريخ ۾ 5 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ اسڪيم ۾ اڃا تائين 4,500 سيٽون موجود آهن،ان کان اڳ، حج آرگنائيزرن کي بڪنگ جي آخري تاريخ 17 آڪٽوبر ڏني وئي هئي.










