ٺٽو(ڊر) عوامي فورم ضلعي ٺٽي طرفان ٺٽو، مڪلي سميت ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ، بجلي جي اڻ اعلانيہ ڊگھي لوڊشيڊنگ، سوئي گئس جي فراھمي جي معطلي جي بحالي، روزگار جي وسيلن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي مڪلي جي پيئڻ جي پاڻي لاء ٺھيل وڏي ٽانڪي جي مرمت ڪرائي پاڻي جي بحالي، منشيات جو ازار ختم ڪرائي واھن، شاخن ۾ پاڻي ڇڏي عوام کي سموريون جياپي جو بنيادي سھولتون ڏيارڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو مڪلي باء پاس تي حاجي اشرف خشڪ، سيف علي خشڪ، انور جاکرو، لياقت عباسي، جمشيد جوکيو، سڄڻ جوکيو، شاھنواز بروھي، جھانگير ميمڻ، جاويد غني ميمڻ، علي محمد جماري، غلام نبي خشڪ، سلمان جاکرو، حامد مغل، جاويد، امتياز، عبدالستار، فدا، صابو خشڪ، بابو احسان ڀٽو، امجد سومرو، عدنان عباسي، محمود ڀنڀرو، علي حسن جاکرو، امير شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي عوامي فورم ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ حاجي اشرف خشڪ ۽ ٻين چيو تہ مڪلي، ٺٽو سميت پوري ضلعي ۾ پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿيل اھي، عوام پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل اھي، مسجدن ۾ وضو لاء بہ پاڻي نٿو ملي تہ ٻئي طرف حيسڪو عملدارن ھن سخت گرمي ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي بند ڪري عوام جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو اھي، ھنن چيو تہ مڪلي تي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھيل پاڻي جي وڏي ٽانڪي ناڪاره بڻيل اھي، بجلي جي وڃڻ دوران سوئي گئس جي معطلي بہ عام ٿي ويئي اھي، واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري انھن مان واري پئي اڏامي، پاڻي نہ ھجڻ ڪري معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ سان گڏ زميندار بہ ڪنگال ٿي رھيا اھن، ضلعي ٺٽي ۾ وڌندڙ منشيات جي آزار سبب نوجوان نسل جون زندگيون تباھ ٿي رھيون آھن، حاجي اشرف خشڪ چيو تہ وسيلن جي ڦرلٽ سميت مھنگائي، بيروزگاري ۽ بدامني چوٽ چڙھيل آھي، گاڏين جون چوريون بہ روز جو معمول بڻيل آھن، سول اسپتال مڪلي جي ملازمن جي رھائسي ڪالوني جو سالن کان بند ٿيل سوئي گئس بہ بحال ٿي ناھي سگھيو، پر عوام جي ھنن جائز مسئلن ڏانھن ڪير بہ ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري مجبور ٿي پنھنجي جائز حقن لاء جدوجھد جي ميدان تي آيا آھيون، حاجي اشرف خشڪ چيو تہ جلد پاڻي جو بحران ختم ڪري بجلي جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ سميت رات جو مڪمل لوڊشيڊنگ ختم ڪري عوام کي سموريون گھربل بنيادي سھولتون نہ ڏنيون ويون تہ وڌيڪ راء عمل جوڙي مسئلن جي حل تائين احتجاج کي جاري رکيو ويندو، ھن اعلي اختيارين، چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميہ کي بہ ھن طرف ڌيان ڏيئي عوامي مسئلا حل ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏيئي پريشاني توڙي عذاب واري گذرندڙ زندگي مان نجات ڏيارڻ جي گھر ڪئي اھي.










