حيدرآباد (پ_ر) سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي، 28هين آئيني ترميم ۽ عورتن جي قتلام خلاف عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اظهار دائود پوٽو، ڄام تماچي، نور نبي پليجو، حسنه راهوجو، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي اڳواڻ سلميٰ رند، اقبال عباسي، ايس ايس ٽي ضلعي اڳواڻ علي احمد ٽالپر، ايس بي ٽي ضلعي اڳواڻ امجد ٽالپر، حئي ڀٽو، فياض ٻٻر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. بک هڙتال ۾ وڪيلن، شاگردن، عورتن، ٻارڙن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي “پاڻي تي ڌاڙو بند ڪريو”، “سنڌو تي ڌاڙو بند ڪريو”، “عورتن جو قتلام بند ڪريو” ۽ “28هين ترميم نامنظور” جا زوردار نعرا هنيا ويا.اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙن ۽ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب سنڌ جي زراعت، ماحوليات ۽ معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. پاڻي جي کوٽ سبب نه رڳو فصل متاثر ٿي رهيا آهن پر پيئڻ جي پاڻي جو بحران پڻ سنگين شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري لکين ايڪڙ زرعي زمين کي بنجر بڻايو ويو آهي. پنجاب جي ڊيمن ۽ فلڊ ڪئنالن جي ڀرجڻ سبب سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻ لڀ ٿي ويو آهي. ارسا، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پنجاب سرڪار کي ناجائز فائدو پهچائڻ لاءِ سنڌ جي حصي جو پاڻي روڪي پنجاب جا ٻوڏن وارا ڪئنال وهايا پيا وڃن، ارسا يا ڪنهن به اداري کي سنڌ جو پاڻي روڪڻ جو ڪو به اختيار ناهي پر پنجاب سرڪار سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪري، ميرا پاني ميري مرضي جهڙا فاشسٽ نعرا تخليق ڪيا آهن. وفاق ۽ پنجاب سرڪار ست ڪروڙ سنڌين جو پاڻي روڪي سنڌين جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن. سنڌ جو پاڻي روڪي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ پنجاب سرڪار جي فاشسٽ آئيڊيالاجي جو حصو آهن. پيپلز پارٽي ڪرسي جي لالچ ۾ سنڌ جون زمينون، وسيلا، سنڌو درياهه سڀ ڪجهه پنجاب جي اشرافيا کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پر پيپلز پارٽي سنڌين جي نمائنده تنظيم ناهي، پيپلز پارٽي چند وڏيرن جي تنظيم آهي، سنڌي قوم پيپلز پارٽي جي سوديبازي کي رد ڪري ٿي ۽ پنهنجي درياءَ ۽ ڌرتيءَ جو تحفظ ڪرڻ لاءِ جدوجھد تيز ڪئي ويندي. سنڌ جا هاري، مزدور، نياڻيون پنهنجي درياهه کي بچائڻ لاءِ جدوجهد تيز ڪندا. اڳواڻن چيو ته 28هين آئيني ترميم وفاقي ڍانچي، صوبائي خودمختياري ۽ جمهوري حقن تي حملو آهي. اهڙين ترميمن وسيلي صوبن جي آئيني اختيارن کي محدود ڪرڻ ۽ عوام جي حقن کي سلب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن خلاف سنڌ جو باشعور عوام جدوجھد ڪندو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عورتن تي تشدد، ڪارو ڪاري جي نالي ۾ قتل، جبري شاديون ۽ ٻين ظلمن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. حڪومتي ادارا عورتن جي تحفظ لاءِ تيار ناهن. عورتن جي قتلام خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي فوري طور جاري ڪيو وڃي، پاڻي تي ڌاڙا بند ڪيا وڃن، 28هين آئيني ترميم جي سازش ختم ڪئي وڃي. عورتن جي قتل ۽ تشدد ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن.










