ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ 4 وڏين برانڊن جا 62 موبائل فون ماڊل سستا ٿيندا، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪسٽم ويليويشن نوان ۽ گهٽ ريٽ مقرر ڪيا آهن.ايف بي آر پرڏيهه مان درآمد ٿيندڙ نون ۽ استعمال ٿيل موبائل فونن تي ڪسٽم ويليو ۾ نظرثاني ڪئي آهي.ايف بي آر جي هن قدم سان درآمد ٿيل موبائل فون سيٽن تي لاڳو ٿيندڙ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن (پي ٽي اي) ٽيڪس گهٽجي ويو آهي.نئين ويليويشن ريٽ تحت، هڪ مشهور برانڊ جي فونن جي ڪسٽم ويليو 32 سيڪڙو کان گهٽجي 89 سيڪڙو ٿي وئي آهي.ويليويشن آفيسرن موجب، پوئين طريقيڪار ۾، ڪليئرنس ۾ دير ٿي هئي، قيمتن ۾ واڌ، استعمال ٿيل فونن جي انڊر انوائسنگ ۽ گريڊنگ جي ڪري، جيڪو صارفين تي بار هو.










