پاڪستان ۽ ڪويت ۾ تعاون کي اڳتي وڌائبو، وزيراعظم

پاڪستان ۽ ڪويت ۾ تعاون کي اڳتي وڌائبو، وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سياسي لاڳاپن کي معاشي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ اهميت جوڳو عمل آهي.وزيراعظم شهباز شريف رقمي اسلامڪ بينڪ کي ڊيجيٽل بينڪنگ لائسنس ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي لائسنس جي جاري ٿيڻ تي رقمي بينڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اختيارين کي مبارڪباد پيش ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رقمي اسلامڪ بينڪ کي ڊيجيٽل بينڪنگ جي لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ لاڳاپن جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي هاڻ وڌيڪ مضبوط معاشي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.وزيراعظم چيو ته سياسي لاڳاپن کي سرمائيڪاري، واپاري ۽ اقتصادي ڀائيواري ۾ وجهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ڪويتي قيادت سان گڏجي اڳيان وڌايو ويندو.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل حدف رکن ٿا ۽ انهن کي عمل شڪل ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پوري طرح پرعزم آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل بينڪنگ جهڙي قدمن سان پاڪستان جي مالياتي نظام کي مضبوط بنائڻ ۾ مدد ملندي ۽ سرمائيڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. تقريب ۾ اعليٰ اختيارين بيڪنگ سيڪٽر جي نمائندن ۽ سفارتي شخصيتن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو