اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ قيدين جي فهرستن جو تبادلو ڪيو ويو آهي.سفارتي ذريعن موجب، پاڪستان ڀارت کي 715 قيدين تي مشتمل تيار ڪيل فهرست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ 409 سيويلين (عام شهري) ۽ 306 مهاڻا (ليٽي وارا) شامل آهن. ذريعن ٻڌايو ته نئين دهلي ۾ پاڪستاني مشن جي سربراهه سعد وڙائچ فهرست ڀارتي حڪومت کي ڏني، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڀارتي مشن جي سربراهه گيتيڪا شيرواستو قيدين جي فهرست پاڪستاني اختيارين جي حوالي ڪئي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪائونسلر رسائي معاهدي 2008ع تحت قيدين جي فهرستن جو تبادلو ڪيو ويندو آهي.










