پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو طئي

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو طئي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو.آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي موجب پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جاري ڪيا ويندا پر پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان مشروط آهي. پڌرنامي موجب پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي ڏهين حصي جي قسط ملندي ئي 3 ارب ڊالرن جو اسٽينڊ بائي انتظام ختم ٿي ويندو، جڏهن ته نئون پروگرام معاشي بحالي کي مستحڪم ۽ مضبوط پائيدار بنياد فراهم ڪرڻ آهي. پاڪستان وچولي مدت جي پروگرام ذريعي مالياتي خسارو ۽ معاشي بحالي کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو. بيان ۾ پاڪستان جي معاشي قدمن تي آءِ ايم ايف جي تعريف ڪندي چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ نگران حڪومت گذريل ڪجهه مهينن ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تي سختي سان عمل ڪيو، جڏهن ته نئين حڪومت پڻ ان پاليسي جو تسلسل جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي ته جيئن پاڪستان جي معاشي پاليسين جو تسلسل برقرار رکيو وڃي. اهو اقتصادي طور تي مستحڪم آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال پهرين جائزي کان وٺي گذريل ڪجهه مهينن ۾ بهتر ٿي آهي، بهتر پاليسي انتظام جي ڪري ترقي ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهڻ طرفي ۽ ٻه طرفي ڀائيوارن کان موڪلن ۾ بهتري آئي آهي، پاڪستان جي ترقي هن سال معمولي رهڻ جي اميد آهي ۽ مهانگائي حدف کان گهڻو مٿي آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته معاشي ڪمزورين کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري پاليسي ۽ سڌارن جي ضرورت آهي، پاڪستان حڪومت مسئلن جي مستقل حل لاءِ وچولي مدي واري فنڊ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان نئون قرض پروگرام حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، پاڪستان سان وچولي مدي واري فنڊ پروگرام تي ڳالهيون ڪندو، ايندڙ مهينن ۾ ڌرين ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. عالمي مالياتي فنڊ موجب پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، بهتر پاليسي مئنيجمينٽ سبب معاشي ترقي ۽ اعتماد بحال ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني اختيارين ٽيڪس جو بنياد وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن پر اسٽيٽ بئنڪ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ وياج جي شرح برقرار رکڻ جو چيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پرڏيهي مٽا سٽا واري منڊي ۾ شفافيت برقرار رکندي جڏهن ته پاڪستاني اختيارين گئس ۽ تيل جي قيمتن ۾ بروقت واڌ جو واعدو ڪيو آهي.
نئين پروگرام تي ڳالهيون ايندڙ مهينن ۾ شروع ٿينديون، آءِ ايم ايف
پاڪستان نئين پروگرام تحت پبلڪ فنانسنگ ۾ بهتري چاهي ٿو، آءِ ايم ايف
پاڪستان نئين پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سان ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ ڪندو، آءِ ايم ايف
پاڪستان نئين پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سان ٽيڪس جا انتظام بهتر ڪندو، آءِ ايم ايف
ٽيڪسن ۾ واڌ سان غريبن جي تحفظ ۾ مدد ملندي، آءِ ايم ايف
بجلي جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن ۾ بهتري سان لاڳت گهٽ ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف
ڪيپٽيو پاور کي گرڊ ۾ ڀريو ويندو، آءِ ايم ايف جو اعلان
بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۽ گورننس ۾ بهتري آڻڻي پوندي: آءِ ايم ايف
بجلي چوري خلاف موثر قدم کنيا ويندا: آءِ ايم ايف جو بيان
خرچن کي هدف مطابق رکيو ويندو، آءِ ايم ايف اعلان
آءِ ايم ايف پاران پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا وڌائڻ جو اعلان
نجي شعبي کي ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف جو اعلان
سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪئي وڃي: آءِ ايم ايف جو بيان
ترقي کي پائيدار بڻائڻ لاءِ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻو پوندو: آءِ ايم ايف جو بيان

پهنجو تبصرو موڪليو