پاڪستان ڪنهن به ملڪ طرفان هٿيارن جي استعمال خلاف آهي: ترجمان

پاڪستان ڪنهن به ملڪ طرفان هٿيارن جي استعمال خلاف آهي: ترجمان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي، پاڪستان ڪنهن به ملڪ طرفان هٿيارن جي استعمال جي خلاف آهي.هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان کي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي آهي. پاڪستان مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين تي يقين رکي ٿو. تڪرار کي ڳالهين جي ميز تي ئي حل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان چاهي ٿو ته ڇڪتاڻ ختم ٿئي ۽ ٽيڪنيڪي ڳالهيون شروع ٿيون. اسان اميد ڪريون ٿا ته آبنائي هرمز جي صورتحال جلد نارمل ٿي وڃي. پاڪستان جي موجوده علاقائي صورتحال تي گهري نظر رکيل آهي.هن چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد جاري رهڻ گهرجي، پاڪستان آبنائي هرمز مان واپار، پيٽروليم شين جي آساني سان فراهمي تي يقين رکي ٿو. پاڪستان ڌرين تي ضبط، صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ زور ڏئي ٿو. ڇو ته تڪرار ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. سموريون ڌريون ڪنهن به اهڙي قدم کان پاسو ڪن جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿئي.ترجمان چيو ته امن ۽ گڏيل احترام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ايم او يو جهڙا دستاويز موجود آهن. اميد آهي ڌريون ڊائيلاگ ۽ ڊپلوميسي سان تڪرار جو حل ڳولا ڪنديون، آبنائي هرمز جي صورتحال جو سموري دنيا تي اثر پئجي رهيو آهي. پاڪستان اهم ٽياڪڙن سان رابطي ۾ آهي، 10 جولاءِ تي وزيراعظم شهباز جي قطر جي امير سان اهم ڳالهيون ٿيون، وزيراعظم ايراني صدر سان ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ ضبط، صبر تي زور ڏنو. ايراني صدر به پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪندي امن، استحڪام جي ارادي جو اظهار ڪيو.طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي سالميت، علاقائي خودمختاري جي حمايت جي ارادي جي تجديد ڪري ٿو. پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجن معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. طاهر اندرابي پريس بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. اسلام آباد ايم او يو پنهنجي جڳهه تي قائم آهي. اسان اميد رکون ٿا ته ٻئي ڌريون انهي جي اهميت کي سمجهنديون اسان ڪنهن به ملڪ طرفان هٿيارن جي استعمال جي خلاف آهيون.هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽياڪڙي هڪ چيلينج آهي. امن جي قيام جو عمل ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندو. منطقي طور تي اسلام آباد ايم او يو قائم آهي، جيڪو امن جي لاءِ ڳالهين جو فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. تڪرار جي دوران مختلف مرحلن تي به پاڪستان جو موقف هڪ جهڙو رهيو آهي. پاڪستان سمورن ملڪن جي سالميت ۽ خودمختاري جي حمايت ڪري ٿو. پاڪستان ڊائيلاگ، امن ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو. ڌرين جڏهن به ڳالهين جو فيصلو ڪيو، اسلام آباد ايم او يو ۽ پاڪ قطر گڏيل بيان ڳالهين جي بنياد فراهم ڪندو. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي حوالي سان ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن. پاڪ آمريڪا واپاري ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو