اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي جنهن جي لاءِ حڪومت تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ 1.2 ارب ڊالر جي ٻئي قسط لاءِ اقتصادي جائزه تي ڳالهيون ايندڙ مهيني(سيپٽمبر) ۾ ٿينديون جنهن جي لاءِ آءِ ايم ايف وفد ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو.ناڻي واري وزارت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن کي آءِ ايم ايف سان ٻئي قسط جي لاءِ طئي ٿيل شرطن ۽ اسٽرڪچرل بينچ مارڪس تي عملدرآمد جي حوالي سان تياري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ اقتصادي جائزه تي پاڪستان جي اقتصادي ٽيم سان ڳالهين جي لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن ۾ جائزه مشن سان گڏ 7 ارب ڊالر جي اي ايف ايف پروگرام جي ٻئي قسط جي لاءِ ڳالهيون ٿينديون.ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ تي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ کان اقتصادي جائزه جي منظوري سان گڏ ئي پاڪستان کي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي ٻئي قسط ملندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف جائزه مشن جي وچ ۾ ايندڙ مهيني ٿيل ڳالهين ۾ ماحولياتي تبديلي بابت آر ايس ايف پروگرام ۾ اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويندو ۽ انهي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي لاءِ تياري جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جائزه مشن کي نئين بجيٽ تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويندو ۽ اسٽرڪچرل اصلاحات جي حدفن تي بجلي، گيس سيڪٽر ۾ گردشي قرض جي روڪٿام تي بريفنگ ڏني ويندي. انهي کان علاوه نجڪاري پروگرام ۾ اڳڀرائي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافي پاليسي ريٽ ۽ مهانگائي جي اثرن کان آگاهه ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته 7 ارب ڊالر جي اسڪٽنڊڊ فنڊ فسيليٽي پروگرام(اي ايف ايف) جي پنجين قسط جي مد ۾ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان 20 ڪروڙ ڊالر جي نئين قسط ملڻ جو امڪان آهي.پاڪستان کي ٻنهي پروگرام جي تحت هينئر تائين 4 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ملي چڪا آهن جڏهن ته ايندڙ سال سيپٽمبر تائين پاڪستان کي وڌيڪ 3 ارب ڊالر وڌيڪ ملڻ جو امڪان آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان پروگرام آن ٽريڪ آهي. آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل سمورن اسٽرڪچرل بينچ مارڪس ۽ اڳواٽ قدمن جي حدفن مان ڪيترائي حدف حاصل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪجهه تي اڳڀرائي جاري آهي.اميد آهي ته اقتصادي جائزه تي ڳالهين کان اڳ سموريون شرطون پوريون ڪيون وينديون. معاشي ٽيم پراميد آهي ته آءِ ايم ايف سان ايندڙ اقتصادي جائزه به ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويندو ۽ پاڪستان پنهنجو اهو پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪري وٺندو.










