وچ اوڀر ڏانهن رد ٿيل اڏامن جو تعداد 1,590 ٿي ويو

وچ اوڀر ڏانهن رد ٿيل اڏامن جو تعداد 1,590 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڄ ملڪ جي بين الاقوامي هوائي اڏن تان وچ اوڀر ڏانهن 80 اڏامون رد ڪيون ويون.ڪراچي هوائي اڏي تان دوحا، ڪويت، بحرين ۽ ٻين وچ اوڀر جي منزلن لاءِ 26 اڏامون رد ڪيون ويون.اسلام آباد هوائي اڏي تان دوحا، بحرين، ڪويت، مسقط ڏانهن 18 اڏامون رد ڪيون ويون.لاهور هوائي اڏي تي ڪويت، دوحا، بحرين، ابوظهبي ڏانهن 18 ٻطرفي اڏامون رد ڪيون ويون.پشاور هوائي اڏي تي دوحا، دبئي، ابوظهبي ڏانهن 14 ٻطرفي اڏامون رد ڪيون ويون.ملتان هوائي اڏي تي 4 اڏامون رد ڪيون ويون، جڏهن ته سيالڪوٽ هوائي اڏي ۽ فيصل آباد هوائي اڏي تان بين الاقوامي پروازون معمول مطابق ڪم ڪري رهيون آهن.پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن رد ڪيل اڏامون جو تعداد 16 ڏينهن ۾ 1,590 تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو