پاڪستان پاران ڀارتي وزيراعظم جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو رد

پاڪستان پاران ڀارتي وزيراعظم جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو رد

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارتي وزيراعظم جي 24 اپريل تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري کي رد ڪري ڇڏيو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع کان عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جا ڪيترائي مايوس ڪندڙ واقعا ڏٺا آهن جن جو مقصد بنيادي مسئلن تان عالمي ڌيان هٽائڻ آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي وزيراعظم ڄمون جو مختصر دورو سخت سڪيورٽي هيٺ ڪيو جڏهن ته والاريل ڪشمير جا عوام ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن.ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ چناب درياهه تي ڀارتي هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جو سنگ بنياد رکڻ جي به سخت مذمت ڪري ٿو، پاڪستان پاران ريٽيل هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي ڀارتي ڊيزائن کي تڪراري بڻايو ويو آهي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارت اڃا تائين پاڪستان سان ڪوار هائيڊرو اليڪٽرڪ پلانٽ جي تعمير لاءِ معلومات جي مٽا سٽا ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو