راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان غوري ويپن سسٽم ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو آهي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب لانچ جو مقصد آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آپريشنل ۽ ٽيڪنيڪل تيارين کي جانچڻ هو.آءِ ايس پي آر موجب ڪمانڊر اي ايس ايف سي پاڪ فوج جي اسٽريٽجڪ فورسز جي تربيت ۽ آپريشنل تيارين جي معيار کي ساراهيو.آءِ ايس پي آر چيو ته ڪمانڊر سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني.آءِ ايس پي آر موجب صدر، وزيراعظم ۽ فوجي قيادت به ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني آهي.










