پاڪستان پاران سعودي تي حوثين جي حملن جي سخت مذمت

پاڪستان پاران سعودي تي حوثين جي حملن جي سخت مذمت

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران سعودي عرب تي حوثين جي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو وچ اوڀر (يمن) جي صورتحال تي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون پڻ خطاب ڪيو.پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب تي حوثين جي بيلسٽڪ ميزائل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. عثمان جدون جو چوڻ هو ته سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان يمن جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ڪري ٿو، خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ صبر جو رستو اختيار ڪيو وڃي. پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون وڌيڪ چيو ته يمن ۾ پائيدار امن هڪ جامع سياسي عمل ذريعي ئي ممڪن آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ يمن ۾ سعودي اتحادي فوج جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي جي حوالي سان ٻڌايو ويو هو ته حوثين پاران سعودي عرب جي ڏاکڻي علائقي ڏانهن ميزائل فائر ڪيا ويا هئا، پر ملڪ جي فضائي دفاعي نظام (ايئر ڊيفينس سسٽم) انهن ميزائلن کي فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته يمن جي حوثين سعودي عرب تي صنعا ايئرپورٽ تي فضائي حملا ڪرڻ جو الزام هڻندي خبردار ڪيو هو ته هن ڪارروائي جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو