اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان افغانستان، ايران ۽ روس سان هڪ نئون بارٽر ٽريڊ فريم ورڪ متعارف ڪرايو آهي، واپار واري وزارت ڪاروبار کان ڪاروبار بارٽر ٽريڊ ميڪنزم ۾ ترميمن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب، انهن ملڪن سان بارٽر ٽريڊ لاءِ مختلف شرطن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، برآمد کان اڳ لازمي درآمد جي شرط ۾ نرمي ڪئي ويندي ۽ هڪ ئي وقت درآمد ۽ برآمد جي اجازت ڏني ويندي، خانگي ادارن کي ڪنسورشيم ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، بارٽر ٽريڊ ٽرانزيڪشن جي مدت 90 ڏينهن کان وڌائي 120 ڏينهن ڪئي وئي آهي، ۽ مخصوص شين جي فهرست ختم ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کي عام برآمد ۽ درآمد پاليسي آرڊر سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي، اهي قدم بارٽر ٽريڊ ميڪنزم کي وڌيڪ عملي ۽ ڪاروبار دوست بڻائيندا.پاڪستان جون 2023 ۾ افغانستان، ايران ۽ روس سان بارٽر ٽريڊ ميڪنزم لاڳو ڪيو هو. ميڪنزم جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، ان جي عمل درآمد ۾ ڪيترائي مسئلا سامهون آيا.ڪاروباري گروپن ۽ اسٽيڪ هولڊرز مختلف مشڪلاتن جي نشاندهي ڪئي هئي، جن ۾ منظور ٿيل ۽ غير منظور ٿيل شين تي پابنديون، درآمد ۽ برآمد لاءِ انتهائي محدود شين جي فهرست جو مسئلو شامل هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني مشنن کي معاهدن جي تصديق جي شرط ۾ نرمي ڪرڻ، برآمدات کان اڳ لازمي درآمد جي شرط جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ، ۽ ڪسٽم ڪليئرنس جي 90 ڏينهن اندر اڪائونٽس جي ادائيگي جي پابندي جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.انهن رڪاوٽن واپاري سرگرمين کي سست ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪاروبار لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون هيون.انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ، واپار واري وزارت سرڪاري ۽ خانگي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح ڪئي هئي، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ، پرڏيهي معاملن واري وزارت، ايف بي آر، پاڪستان سنگل ونڊو سان وسيع صلاح مشورا ڪيا ويا هئا.










