پاڪستان ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ لڳو آهي ته نيازي وري سرگرم ٿي ويو: احسن اقبال

پاڪستان ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ لڳو آهي ته نيازي وري سرگرم ٿي ويو: احسن اقبال

نارووال (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اميد آهي ته نوازشريف عام چونڊن کان پهريان پاڪستان ايندو ۽ _(ن) ليگ جي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو عمران خان وٽ اميدوار نه آهن تنهنڪري هو 9 تڪن تان پاڻ اليڪشن وڙهي رهيوآ هي نارووال ۾ ڊائمندجوبلي جشن آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اسان ٻن ٻن ٽن ٽن سالن ۾ يونيورسٽيون ڪاليج موتر ويز بجلي جا منصوبا لڳائي ثابت ڪيو ته ڪم ڪيئن ڪري سگهجن ٿا عمران خان پنهنجي چئن سالن ۾ ڪراچي کان پشاور تائين ڪو هڪ منصوبو ٻڌائي جيڪو هن شروع ڪري مڪمل ڪيو هجي صرف ان جو هڪ منصوبو آهي جيڪو ان جو مٿان کان هيٺ تائين آهي صرف گاردگند وارو منصوبو آهي احسن اقبال چيو ته هاڪي اسٽيڊيم جلسي ۾ به ان پنهنجو ڪوئي معاشي پلان نه ڏنو پوري قوم کي چئي رهيو هو ته آمريڪا جي غلامي مان نڪرو هاڻي پاڻ آمريڪا جا جوتا پالش ڪري رهيو اهي آمريڪا ۾ پنهنجا نمائندا اماڻي رهيو آهي آمريڪي سفير کي ايلاز منٿون ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا ۾ لابنگ فرم جون خدمتون حاصل ڪيون آهن ته آمريڪي صدر بائڊن سان ٺاهه ڪرايو. ڪالهه رات جي تقرير ۾ آمريڪا تي يوٽرن وٺڻ شروع ڪيو هن ماڻهو جهو صبح جوبيان هڪ ۽ شام جو بيان ٻيو هوندو آهي عمران نيازي وٽ ڪوئي منصوبو ڪوئي پلان نه آهي پر ياد رکو هاڻي قوم توکي نه ڇڏيندي ڇو ته تون فارن فنڊنگ ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو محنت مزدوري جو ڪمايل پئسو کاڌو آهي. عمران خان هٽلر جا طور طريقا استعمال ڪري پاڪستاني قوم کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر اهو تڏهن جو جرمني هو ۽ هي اڄ جو پاڪستان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو