تحران (ويب ڊيسڪ)ايراني نائب صدر جواد ظريف پاڪستان کي هڪ اهم پاڙيسري ملڪ قرار ڏنو. پرڏيهي ميڊيا موجب، جواد ظريف تهران ۾ پاڪستاني سفير محمد مدثر ٽيپو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ معيشت، سيڪيورٽي ۽ فوجي شعبن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ سان لاڳاپيل معاملن تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي نائب صدر پاڪستان کي هڪ اهم پاڙيسري ملڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، جڏهن ته پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو پڻ چيو ته ٻطرفي تعاون وڌائڻ انتهائي ضروري آهي.










