بجلي جا اگهه گهٽائڻ بابت آءِ ايم ايف جي اعتراضن جو هاڻي کٽڪو ناهي

بجلي جا اگهه گهٽائڻ بابت آءِ ايم ايف جي اعتراضن جو هاڻي کٽڪو ناهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي جي قيمت گهت ڪرڻ بابت آءِ ايم ايف جي نه مڃڻ وارو کٽڪو ختم ٿي ويو آهي. اربع تي وفاقي ڪابينا کي خطاب ڪندي هن چيو ته سندس ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ آءِ ايم ايف جي سربراهه چيو آهي ته اوهان پيپر پيش ڪريو ته ان تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختاري تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو. هن چيو ته آرمي چيف سان گڏ يو اي اي جي صدر سان سيڙپڪاري بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سو اي اي جي سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي جنهن م پڻ مثبت پيش رفت ٿي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن دبئي ۾  آءِ ايم ايف جي ايم ڊي وزيراعظم شهباز شريف سان ٿيل ملاقات کي شاندار قرار ڏنو هو. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ هڪ بيان ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي حمايت يافته سڌارن لاءِ عزم حوصلا افزا آهي. هن چيو ته هو نوجوانن جي ترقي ۽ روزگار جي حوالي سان پاڪستاني حڪومت جي فيصلائتي قدمن جي حمايت ڪري ٿو.ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ شهباز شريف ڪالهه دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ 2025 جي موقعي تي ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ۽ حڪومتي سڌارن ذريعي حاصل ڪيل ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي بحث ڪيو ويو. آءِ ايم ايف سربراهه سمٽ کي خطاب ڪندي چيو هو ته مصنوعي ذهانت جو سونامي ليبر مارڪيٽ سان تيزي سان ٽڪرايو آهي جنهن سبب ڪيترائي ملازم بيروزگار ٿي ويندا. ان تناظر ۾ مختلف حڪومتون متبادل انتظام ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو