واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان سان هڪ واپاري معاهدو مڪمل ٿي ويو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي صدر ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا تيل جي ذخيرن جي معاملي تي گڏجي ڪم ڪندا. هن چيو ته ڀائيواري جي اڳواڻي ڪندڙ ڪمپني جي چونڊ ڪئي پئي وڃي. صدر ٽرمپ چيو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن پاڪستان هندستان کي تيل وڪرو ڪندو. ٽرمپ چيو ته هو وائيٽ هائوس ۾ واپاري معاهدا ڪرڻ ۾ تمام گهڻو مصروف آهي، هن ڪيترن ئي ملڪن سان ڳالهايو آهي ۽ هر اڳواڻ آمريڪا کي تمام گهڻو خوش ڪرڻ چاهي ٿو. ياد رهي ته هن بيان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪا اعلان ڪيو هو ته هو پهرين آگسٽ کان هندستان تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪندو.










