پاڪستان جي ٺاھڻ ۾ جي ايم سيد جو ڪردار ناقابل فراموش آهي: محنتي

پاڪستان جي ٺاھڻ ۾ جي ايم سيد جو ڪردار ناقابل فراموش آهي: محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آھي تہ پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ سائين جي ايم سيد جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، اڄ سنڌ جو عوام وڏين مشڪلات مان گذري رهيو آهي، حڪومت هوش کان ڪم وٺي سيلاب متاثرين کي خيرات نه، پر پنهنجو جائز حق ڏنو وڃي، جماعت اسلامي ٻوڏ متاثرين کي هرگز اڪيلو ڪونه ڇڏيندي، آخري فرد جي بحالي تائين خدمت جو هي سلسلو جاري رهندو. مرڪزي امير سراج الحق 19،20 آڪٽوبر تي جيڪب آباد، ميهڙ، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ سکر ۾ قائم الخدمت جي خيمه وسندين جو دورو، عوامي ۽ معززين جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعلقه صالح پٽ جي مقام صوبو مهر ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ قائم الخدمت جي خيما وسندي جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي ڊپٽي سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو، ضلعي امير ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته ٿر جي ڪوئلي ذريعي ترقي جي جيڪا خوشخبري ٻڌائي پئي وڃي ، آخر اها خوشحالي ٿر سميت سنڌ جي عوام جي مقدر ۾ ڪڏهن ساڀيان ماڻيندي، عوام کي مهانگائي، بُک، بدحالي ۽ غربت کان ڪڏهن نجات ملندي، ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهي ملڪ جي گرڊ اسٽيشن ۾ شامل ڪيو ويندو، پر ماحولياتي گدلاڻ جا نتيجا ٿر جا ماڻهو ڀوڳيندا جن کي هن وقت تائين ڪوئلي مان ڪوبه لاڀ حاصل ناهي ٿي سگهيو، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وفاق توڙي صوبن ۾ بار بار حڪومت ڪرڻ باوجود عوام کي “ اٽو، لٽو، اجهو ” ڏيڻ ته ٺهيو، پر کين ٻن وقتن جو ماني ڳڀو به فراهم ناهن ڪري سگهيا، اڄ سنڌ جي عوام جي جيڪا حالت آهي اها بيان ڪندي اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيون آهن، پر حڪمران ڏيهي توڙي پرڏيهي امداد هڙپ ڪري عياشيون ڪرڻ ۾ مصروف آهن، پي ٽي آءِ ۽ اي پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت جي وچ ۾ جهيڙي سان عوام رُلي ويو آهي، سنڌ جي حڪمرانن جي ڪرپشن، نااهلي ۽ پنهنجا نوازي جي ڪري اڄ سنڌ سونهاري جا ماروئڙا سخت مشڪلات کي منهن ڏئي رهيا آهن جن جي ڪير به دادرسي ڪرڻ وارو ڪونه آهي، جماعت اسلامي ۽ الخدمت پنهنجي وس آهر متاثرين جي مدد ڪري رهيا آهن، پر هي ڪم حڪومتن جي ڪرڻ جو آهي جيڪي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿيون آهن. جماعت اسلامي پنهنجي مصيبت ۾ ڦاٿل ڀائرن کي هرگز اڪيلو ڪونه ڇڏيندي ۽ آخري ماڻهو جي بحالي تائين امداد جو هي مشن جاري رکنداسين. صوبائي امير جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۽ الخدمت جي رضاڪارن کي هدايت ڪئي ته هوءَ خيما وسندين ۾ موجود متاثرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪن ته جيئن مسڪين ماڻهن جي دردن جو درمان ٿي سگهي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو