اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان راستنورهه بندرگاهه جي بندش کان پوءِ سعودي بندرگاهن کان تيل وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب، ملڪي ريفائنريون اضافي تيل ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيون آهن. پيٽرول بچائڻ لاءِ گهر کان ڪم ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻين ذريعن کان ايل اين جي تمام مهانگي آهي، مهانگي ايل اين جي بدران بند کوهن مان پيداوار تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب، سنگاپور کان پيٽرول خريد ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.










