اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جنگ حق ۾ فتح جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي، ايئر هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ پاڪستان ايئر فورس جي بازن کي خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي.پاڪستان ايئر فورس حق جي جنگ ۾ هوائي دفاع جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي، جنهن کي دنيا هوائي جنگين جي مثال طور بيان ڪيو. ايئر چيف مارشل ظهير احمد سدھو خاص مهمان طور پاڪستان ايئر فورس جي شاندار تقريب ۾ شرڪت ڪئي.










