ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽڪ ٽاڪ پنهنجي ڪميونٽي گائيڊ لائينز جي ڀڃڪڙي سبب 2025 جي ٻئي ٽه ماهي (اپريل کان جون) دوران پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 54 لک 48 هزار 992 وڊيوز هٽائي ڇڏيون آهن، اهرو اعلان پليٽفارم جي ڪميونٽي گائيڊ لائينز انفورسمنٽ رپورٽ ۾ سومر ڏينهن ڄاڻايو ويو آهي. ٽڪ ٽاڪ تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) پاران اڳ به ڪيترائي ڀيرا غيراخلاقي ۽ فحش مواد جي شڪايتن تي پابنديون لڳايون ويون هيون. پهريون ڀيرو اهڙي بندش وارو فيصلو آڪٽوبر 2020 ۾ ٿيو، پر 10 ڏينهن پوءِ پابندي ختم ڪئي وئي، جڏهن ڪمپني ٽيلي ڪميونيڪيشن ريگيوليٽر کي يقين ڏياريو ته هو اهڙا اڪائونٽس بند ڪندي جيڪي “فحاشي پکيڙي رهيا آهن.” ٽڪ ٽاڪ موجب، انهن وڊيوز مان 99.7 سيڪڙو وڊيوز پاڻمرادو هٽايون ويون، جڏهن ته 96.2 سيڪڙو وڊيوز 24 ڪلاڪن اندر هٽائي ڇڏيون ويون هيون. عالمي سطح تي 18 ڪروڙ 90 لک وڊيوز هٽايون ويون آهن. جيڪي ٽڪ ٽاڪ تي اپلوڊ ٿيل ڪل مواد جو 0.7 سيڪڙو بڻجن ٿيون. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو: “هٽايل وڊيوز مان 16 ڪروڙ 39 لک 62 هزار 241 وڊيوز خودڪار سسٽم ذريعي سڃاڻي هٽايون ويون، جڏهن ته 74 لک 57 هزار 309 وڊيوز ٻيهر جائزي بعد بحال ڪيون ويون.”
جعلي اڪائونٽس خلاف ڪارروائي
ٽڪ ٽاڪ ٻڌايو ته: “پليٽفارم جي ساک برقرار رکڻ لاءِ، هن ٽه ماهي دوران 76.9 ملين جعلي اڪائونٽس هٽايا ويا، گڏوگڏ2 ڪروڙ 59 لک اهڙا اڪائونٽس به ختم ڪيا ويا، جيڪي 13 سالن کان گهٽ عمر جي صارفين جا هجڻ جو شڪ هو.” ياد رهي ته پهرين ٽه ماهي جنوري کان مارچ دوران پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 49 لک 54 هزار 128 وڊيوز هٽايون ويون هيون.










