پالتو هرڻ پراسرار نموني مري ويا، رولو ڪتا يا سازش؟

پالتو هرڻ پراسرار نموني مري ويا، رولو ڪتا يا سازش؟

نارو(ساجد علي سهتو) مقامي زميندار جا پالتو هرڻ پراسرار نموني مري ويا. علائقي ۾ افواهن موجب هرڻ رولو ڪتن ماريا آهن پر مالڪ جو چوڻ آهي ته اها سازش آهي. ميٽھڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي تعلقي ناظم سردار بخش علي خان آرادين جي ڀاءُ وڏيرو بخت علي آرادين جي فارم هائوس تان رولو ڪتن پاليل ناياب نسل جي 12 هرڻن کي ماري وڌو. جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي وڏيرو بخت علي آرادين ٻڌايو ته هي ڪنهن وڏي سازش ڪئي آهي جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته ٻارنهن فٽن جي ديوار آھي ۽ ان مٿان ٻه فٽ جي تار لڳل آھي . ممڪن ئي ناهي جو رولو ڪتا اتان ڪراس ڪري سگھن لاڳاپيل انتظاميا ۽ ٻين اعلي’ اختيارن کي گھرجي ته نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي. هرڻن کي زهر ڏني وئي آهي يا ڪنهن شرارت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو