پ پ سنڌ جي وسيلن تي سوديبازي جي ڏوهاري آهي، شيخ

پ پ سنڌ جي وسيلن تي سوديبازي جي ڏوهاري آهي، شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي، زرخيز زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي سوديبازي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي ڏوهاري آهي. پاڻي جي هٿراڌو کوٽ جو بهانو بڻائي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته هن وقت سنڌو درياهه ۾ واري اڏامي رهي آهي ۽ رڳو حيدرآباد ڊويزن ۾ 11 لک ايڪڙن تي بيٺل فصلون پاڻي جي کوٽ سبب متاثر ٿي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير 1991ع واري پاڻي معاهدي تي مڪمل عملدرآمد، پاڻي چوري جي خاتمي ۽ موجود پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو مطالبو ڪندي وڌيڪ چيو ته ڪوٽڙي بئراج تي 57 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ قدرتي نه بلڪه9191ع واري پاڻي جي ورڇ معاهدي جي ڀڃڪڙي جو نتيجو آهي، جڏهن ته هن وقت به تربيلا، منگلا ۽ چشمه جي ذخيرن ۾ وافر مقدار ۾ پاڻي موجود آهي. بدين، ٺٽو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ سميت پوڇڙي وارن ضلعن ۾ ڪپهه، ڪمند، ڪيلي ۽ چانورن جا فصل سخت متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته چوپائي مال لاءِ پيئڻ جو پاڻي به ناياب بڻجي ويو آهي. هن خبردار ڪيو ته پاڻي جو بحران نه رڳو زرعي معيشت لاءِ، پر وفاقي يڪجهتي ۽ قومي استحڪام لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو جائز پاڻي فوري طور تي فراهم ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته پاڻي، بجلي، گيس ۽ ڌاڙيل راڄ سميت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي جماعت اسلامي هميشه آواز اٿاريندي رهي آهي ۽ آئنده به اُٿاريندي رهندي. ان موقعي تي صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، محمد افضال آرائين، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف احمد ملاح، سهيل احمد شارق ۽ معاونِ خصوصي زاهد حسين راڄپر پڻ موجود هئا، جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ڊويزنن جي ضلعي ذميوارن ميمبرشپ ڊرائيو سميت ٻين تنظيمي ۽ سياسي معاملن بابت ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو