ٽيڪسز وڌائڻا آهن ته عوام کي سهولتون به ڏيڻيون پونديون: اورنگزيب

ٽيڪسز وڌائڻا آهن ته عوام کي سهولتون به ڏيڻيون پونديون: اورنگزيب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٽيڪسز وڌائڻا آهن ته حڪومت کي به عوام کي سهولتون ڏيڻيون پونديون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته مقامي سطح تي ٽيڪسز جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هيٺين طبقي تي ٽيڪس جو بار نه وڌو وڃي.ناڻي واري وزير چيو ته واپاري دوست اسڪيم متعارف ڪرائي آهي ٽيڪس نه ڏيندڙ ملڪ ۽ عوام سان مخلص نه آهيون، واپاري ۽ سرمائيڪاري لاءِ سهوليتن جي فراهمي ترجيح آهي.هن چيو ته واپاري دوست اسڪيم متعارف ڪرائي آهي واپارين جي لاءِ ٽيڪسيشن جي عمل کي انتهائي آسان ڪري ڇڏيو آهي، ٽيڪس جا واجبات ادا ڪرڻ سان معيشت مضبوط ٿيندي.محمد اورنگزيب چيو ته 49 لک ماڻهو انڪم ٽيڪس ۾ نان فائلرز آهن، نان فائلرز جي سموري زندگي جو ڊيٽا موجود آهي. ڊيٽا ئي سڀني کان وڏو ثبوت هوندو. ايف بي آر کان حراسمينٽ ختم ٿيندي. نان فائلرز کي سينئر لائرڊ طريقي سان نوٽيس ڪيا ويندا، نان فائلرز کي سڌو سنئون نوٽيس نٿا اماڻي سگهون.محمد اورنگزيب چيو ته پهرين جولاءِ کان انڊسٽري کي 68 ارب جا ريفنڊز ڏنا ويا آهن. ايف بي آر ۾ اصلاحات بابت وزيراعطم هر هفتي اجلاس ڪري رهيو آهي.ناڻي واري وزير چيو ته زراعت کي ٽيڪس رجيم ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون وڏا وزير زرعي ٽيڪس جي حوالي سان قانونسازي ڪندا. صحت جو شعبو صوبن جي ذميواري آهي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون وزارتون ضم ڪرڻ جي ضرورت آهي.محمد اورنگزيب چيو ته 5 وزارتن جي ڪجهه شعبن جو انضمام ڪري سگهون ٿا. ڪابينه جي ڪميٽي 5 وزارتن جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي انضمام تي غور ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته چين سان توانائي تفصيلي ڳالهيون ٿيون، چين جي دوري ۾ پانڊه بانڊ تي ڳالهيون ٿيون چين جي وزيرن آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو