ٽيڪساس ۾ طوفان ۽ ٻوڏ سبب 28 ٻارن سميت 82 ڄڻا فوت

ٽيڪساس ۾ طوفان ۽ ٻوڏ سبب 28 ٻارن سميت 82 ڄڻا فوت

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست ٽيڪساس هڪ ڀيرو ٻيهر قدرتي آفت جي زد ۾ اچي وئي آهي، تيز برساتن ۽ اوچتو، تباهي ڪندڙ ٻوڏ رياست ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، ٽيڪساس ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 28 ٻارن سميت 82 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.پرڏيهي نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته ٽيڪساس جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب گهر ۽ گاڏيون ڪيترائي فوٽ پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن، وڻ ڪرڻ سبب رستا بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته برسات سبب پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪڍيو پيو وڃي.رپورٽن موجب، سمر ڪيمپ ۾ 10 ڇوڪرين ۽ هڪ صلاحڪار سميت 41 ماڻهو اڃا تائين گم آهن ۽ ڳولا جاري آهي. گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ هيلي ڪاپٽر، ٻيڙيون ۽ ڊرون استعمال ڪيا پيا وڃن.ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻوڏ متاثر رياست ٽيڪساس ۾ ڪير ڪائونٽي کي آفت زده قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو