ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.حادثو سوِڪ سينٽر جي ويجهو پيش آيو. حادثي کان پوءِ ڪاوڙيل ماڻهن پاڻي جي ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ بچاءُ ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. ٽينڪر ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ جي گاڏي پڻ پهچي وئي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، وارثن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، ۽ پاڻي جي ٽينڪر جي ڊرائيور خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.










