ٽورنٽو (ويب ڊيسڪ)ٽورنٽو جي ميئر جان ٽوري پنهنجي عورت عملي سان لاڳاپن جو اعتراف ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽورنٽو جي ميئر لاڳاپن جو اعتراف ڪندي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.ان حوالي سان ميئر جان ٽوري جو چوڻ آهي ته ٽورنٽو سٽي جي عملي سان تعلق رکندڙ سندس زال ۽ ڪٽنب کي شرم اچڻ گهرجي.جان ٽوري چيو ته: “عورت سان منهنجو تعلق هن سال جي شروعات ۾ ختم ٿي ويو ۽ هوءَ شهر ڇڏي وئي.هن عورت جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي پر پرڏيهي ميڊيا موجب هوءَ 31 سالن جي عورت ميئر جي صلاحڪار هئي.هن وڌيڪ چيو ته مان انهن سڀني کان معافي گهران ٿو جن کي منهنجي اهڙي عمل سان ڏک پهتو آهي.جان ٽوري اهو به چيو ته منهنجو ۽ هن عورت جو تعلق ڪورونا جي ڏينهن ۾ قائم ٿيو هو.










