ٽنڊو الهيار:(ن س) ٽنڊوالهيار ۾ موٽرسائيڪل جي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان قتل جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.مارجي ويل نوجوان گيانچند ڪنڊياري جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي جيڪو ڳوٺ جعفر ساند ۾ مائٽن وٽ تعزيت ڪرڻ لاءِ آيو ھو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٽنڊوالهيار ڀرسان ابراھيم شاھ لنڪ روڊ تي 2 ٻُٽ ٻڌل ڦورن ڳوٺ جعفر ساند کان 2 ڄڻن گيانچند ۽ رامون کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران مزاحمت تي ڦورن گيانچند کي گوليون ھڻي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته قتل ٿيل نوجوان سان گڏ ٻئي نوجوان رامو کي ڪنداق ھڻي زخمي ڪري موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا. اطلاع تي واقعي واري ھنڌ عمرساند پوليس پهچي قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال ٽنڊو الهيار آندو. جڏهن ته وارثن طرفان قتل ٿيل نوجوان جو لاش ڪيريا شاخ تي رکي ڌرڻي هڻڻ اعلان ڪيو ويو آهي ياد رهي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻن ڏينهن 3 ڦر جون وارداتون ٿيون آهن پر پوليس ڦورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي










