اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ٽن سرڪاري بجلي ورهائڻ واري ڪمپنين تي ڪل 140 ملين رپيا جرمانو لاڳو ڪيو آهي، نيپرا گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (GEPCO)، ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (KESCO) ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (FESCO) تي جرمانو لاڳو ڪيو آهي، انهن ڪمپنين تي جرمانو لڳائڻ جو سبب 2023-24 ۾ خراب ڪارڪردگي ٻڌايو پيو وڃي. ڪمپنين تي اوور بلنگ، غلط رپورٽنگ ۽ وصولي کي بهتر بڻائڻ ۾ ناڪامي جو الزام لڳايو ويو آهي،ٽنهي ڪمپنين کي 15 ڏينهن اندر جرمانو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










