ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ ڪراچي بس اونرز ايسوسيئيشن پاران جرمانن ۽ ڪريڪ ڊائون خلاف هڙتال جو اعلان ڪيو ويو.ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد انتظاميا جو چوڻ آهي ته احتجاج اڄ کان اڻڄاتل مدت (غير معينہ مدت) تائين ڪيو پيو وڃي.انتظاميا موجب، ٽريفڪ پوليس سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون.انتظاميا چيو ته ڪيترين ئي بسن تي ڳريا چالان ڪيا ويا آهن، جرمانن کانپوءِ پوليس گاڏين تي پهرين جولاءِ کان ڪريڪ ڊائون ڪرڻ وڃي رهي آهي.










