واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ڊونلڊ ٽرمپ خميس ڏينهن ڌمڪي ڏني آهي ته هو ايلون مسڪ جي ڪمپنين سان حڪومت جا ٺيڪا ختم ڪري ڇڏيندس ۽ دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ آمريڪي صدر جي مواخذي (Impeachment) جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن سان ٻنهي ۾ غير معمولي اتحاد اوچتو پڄاڻي تي پهتو ۽ ڏسندڙن لاءِ اهو سوال ڇڏي ويو ته هاڻي ڇا ٿيندو؟. اڳتي هلي صورتحال ان وقت وڌيڪ خراب ٿي وئي جڏهن صدر اوول آفيس ۾ ٽيسلا جي سي اي او مسڪ تي تنقيد ڪئي ۽ پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي تي پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم تي لفظي حملا ڪيا: ٽرمپ پنهنجي “ٽروٿ سوشل” تي ۽ مسڪ پنهنجي “ايڪس” تي. “اسانجي بجيٽ مان اربين ڊالر بچائڻ جو آسان ترين طريقو اهو آهي ته ايلون مسڪ جون حڪومتي سبسڊيون ۽ ٺيڪا ختم ڪيا وڃن”، ٽرمپ پوسٽ ڪيو. جنهن بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٽيسلا جا شيئرز خميس ڏينهن 14 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪري پيا، جنهن سان سندس ملڪيت ۾ لڳ ڀڳ 150 ارب ڊالر مارڪيٽ ويليو ۾ گهٽتائي ٿي وئي، جيڪا ٽيسلا جي تاريخ ۾ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي هئي. مارڪيٽ بند ٿيڻ کان ڪجهه ئي منٽن بعد، مسڪ “ايڪس” تي هڪ پوسٽ تي “ها” ۾ جواب ڏنو جنهن ۾ لکيل هو ته ٽرمپ جو مواخذو ٿيڻ گهرجي، جيڪو آمريڪي ڪانگريس ۾ ان وقت سوچڻ به مشڪل آهي جتي ٽرمپ جي پارٽي ريپبلڪن جا ميمبر ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت ۾ آهن. ٻنهي وچ ۾ تڪرار ڪجهه ڏينهن اڳ شروع ٿيو هو جڏهن مسڪ ٽرمپ جي وڏي ٽيڪس رعايت ۽ خرچن واري بل جي مخالفت ڪئي هئي. صدر پهريان خاموش رهيو جڏهن مسڪ ان بل کي ناڪام بڻائڻ جي مهم اهو چئي هلائي ته ان سان ملڪ جي 36.2 ٽريلين ڊالر قرض ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو. ٽرمپ خميس ڏينهن پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي، صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو مسڪ کان “تمام گهڻو مايوس” آهي. “ڏسو، ايلون ۽ مون سٺو رشتو رکيو هو. مون کي خبر ناهي هاڻي اهو قائم رهندو به يا نه”، ٽرمپ چيو. ٽرمپ جي ڳالهين دوران، مسڪ پنهنجي ايڪس تي فوري جواب ڏنو. “مون کانسواءِ، ٽرمپ اليڪشن هارائي وڃي ها”، مسڪ لکيو، جنهن گذريل سال جي اليڪشن ۾ ٽرمپ ۽ ٻين ريپبلڪنز جي مدد لاءِ لڳ ڀڳ 300 ملين ڊالر خرچ ڪيا هئا. هڪ ٻي پوسٽ ۾، مسڪ چيو ته ٽرمپ جا دستخطي ٽيرف آمريڪا کي هن سال جي آخر تائين مالي مشڪل يعني ريسيشن ۾ ڌڪي ڇڏيندا. مسڪ جي ڪاروبار ۾ راڪيٽ ڪمپني ۽ حڪومت جي ٺيڪيدار اسپيس ايڪس ۽ ان جو سيٽلائيٽ يونٽ اسٽارلنڪ به شامل آهن. مسڪ، جنهن جو اسپيس ڪاروبار آمريڪي حڪومت جي خلائي پروگرام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، چيو ته ٽرمپ جي ڌمڪين کان پوءِ هو اسپيس ايڪس جي ڊريگن خلائي جهاز کي ڊيڪميشن ڪرڻ شروع ڪندو. ڊريگن اڪيلي آمريڪي خلائي جهاز آهي جيڪو خلائي اسٽيشن تي ايسٽراناٽ موڪلڻ جي صلاحيت رکي ٿو. خميس جي دير سان، مسڪ اها ڌمڪي واپس ورتي. هڪ ممڪن صلح جي نشاني طور، مسڪ بعد ۾ لکيو: “تون غلط ناهين” جڏهن بليونر سيڙپڪار بل ايڪمين چيو ته ٽرمپ ۽ مسڪ کي صلح ڪرڻ گهرجي. ٽرمپ ۽ مسڪ ٻئي سياسي رانديگر آهن جيڪي پنهنجي دشمنن تي حملا ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندا آهن، ۽ ڪيترن ئي مبصرن اڳ ۾ ئي ٻنهي وچ ۾ تڪرار جي اڳڪٿي ڪئي هئي. مسڪ حڪومت جي ڪارڪردگي واري کاتي جي سربراهه طور ٽرمپ جو نمايان صلاحڪار بڻجي ويو هو، جنهن وفاقي ملازمن کي گهٽائڻ ۽ خرچن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع ۽ تڪراري ڪوشش شروع ڪئي هئي.ان ڪردار ڇڏڻ کانپوءِ، هن هفتي مسڪ ٽرمپ جي “وڏي، خوبصورت بل” کي نشانو بڻائيندي ان کي “گندو ۽ ناقابل قبول بل” قرار ڏنو، جيڪو وفاقي خساري ۾ واڌارو ڪندو. هن جا حملا ريپبلڪن پارٽي اندر اختلاف وڌائي رهيا آهن، جيڪو ان بل جي سينيٽ ۾ منظوري لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. غير جانبدار تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو بل ملڪ جي 36.2 ٽريلين ڊالر قرض ۾ 2.4 ٽريلين کان 5 ٽريلين ڊالر تائين اضافو ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻنهي وچ ۾ ڊگهو تڪرار جاري رهيو ته اهو ريپبلڪنز لاءِ ايندڙ سال جي وچ مدتي چونڊن ۾ ڪانگريس تي ڪنٽرول برقرار رکڻ ڏکيو بڻائي سگهي ٿو، خاص طور تي جيڪڏهن ان سان مسڪ جي چونڊ مهم لاءِ خرچ گهٽجي وڃي يا سليڪون ويلي ۾ ٽرمپ جي حمايت گهٽجي وڃي. “ايلون هن آخري چونڊ ۾ ميدان تي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو”، هڪ ريپبلڪن حڪمت عملي ڏيندڙ چيو، جنهن پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي روئٽرز سان ڳالهائيندي چيو. “جيڪڏهن هو وچ مدتي چونڊن ۾ حصو نه وٺي، ته اهو مون لاءِ فڪر جو سبب بڻجي ٿو.” اڱاري ڏينهن، مسڪ پوسٽ ڪئي ته “اڳين نومبر ۾ اسان سڀني سياستدانن کي هٽائي ڇڏينداسين جن آمريڪي عوام سان غداري ڪئي.” مسڪ اڳ ۾ ئي چيو هو ته هو پنهنجي سياسي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ جو ارادو رکي ٿو. مسڪ جو سياست ۾ وڌندڙ ڌيان ٽيسلا سائيٽن تي احتجاج کي جنم ڏنو، جنهن سان سيلز گهٽجي وئي جڏهن ته سيڙپڪارن کي خدشو ٿيو ته مسڪ جو ڌيان گهڻو ورهائجي ويو آهي.










