رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ آمريڪا ۾ 142 ارب ڊالر ماليت جا دفاعي معاهدا ٿيا آهن. آمريڪا جون 7 ڪمپنيون، جديد جنگي جهاز، راڊار، اسپيس ۽ ٻيا هٿيار سعودي عرب کي فراهم ڪنديون جيئن سندن دفاعي نظام مضبوط بڻائي سگهجي. سعودي عرب امريڪا ۾ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ 20 1رب ڊالر جي سيڙپڪاري به ڪندو. صدر ٽرمپ، سعودي عرب، قطر ۽ يو اي اي جي 4 ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هي سندس پهريون عالمي دورو آهي. سندس هن دوري ۾ اسرائيل وڃڻ جو پروگرام ناهي. اڱاري تي شاهي مانجهاندي جي دعوت ۾ ايلون مسڪ سميت آمريڪا جي ٽاپ ڪمپنين جي سينئر اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب پهتو ته شهزادي محمد بن سلمان سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ايئر فورس ون ذريعي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض جي ڪنگ خالد ايئرپورٽ تي پهتو، جتي سندس استقبال سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ڪيو. رپورٽ موجب، ٽرمپ سان گڏ آمريڪي پرڏيهي وزير، دفاع وزير ۽ اعليٰ فوجي عملدار به سعودي عرب پهچي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ قطر ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) روانگي کان اڳ اڄ ۽ سڀاڻي جو ڪجهه حصو سعودي عرب ۾ گذاريندو.










