ٽانڪ ۽ گومل پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جا حملا ناڪام

ٽانڪ ۽ گومل پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جا حملا ناڪام

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ گومل پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابي فائرنگ بعد حملي آور فرار ٿي ويا، 15 منٽن تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.هوڏانهن بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي، جوابدار لڪي مروت، ڊي آءِ خان ۽ بنون ۾ حملن ۾ ملوث هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو