واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ٻيهر آمريڪا جو صدر ٿيو ته غير قانوني مهاجرن خلاف تاريخي آپريشن ڪيو ويندو. آمريڪي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ صدر بڻجڻ جي صورت ۾ غير قانوني مهاجرن کي ڪئمپن ۾ رکيو ويندو ۽ ملڪ بدر ڪيو ويندو.رپورٽ موجب جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ٻيهر صدر ٿيو ته هر سال لکين ماڻهن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غير قانوني طور آمريڪا ۾ رهندڙ ماڻهن کي به ملڪ بدر ڪيو ويندو.آمريڪي ميڊيا موجب اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه مسلمان ملڪن جي شهرين جي ٻيهر آمريڪا اچڻ تي پابندي لڳائڻ چاهي ٿو.آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترن ئي بيمارين جي ڪري ماڻهن جي آمريڪا اچڻ تي پابندي لڳائيندو.ٻئي طرف نيو هيمپشائر ۾ ريلي کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان پنهنجي ڏاکڻي سرحد تي حملا بند ڪنداسين، ان لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.










