ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ٻين صوبن جي گاڏين جا ڳرا اي چالان به ڪراچي وارن کي ملڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.ڪراچي ۾ اي چالان جو سلسلو شروع ٿيڻ کان پوءِ شهرين جي لاءِ مختلف نوعيت جون پريشانيون وڌي رهيون آهن. جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ ٻين صوبن جي سنڌ ۾ رجسٽرڊ ساڳئي نمبر پليٽ جي گاڏين جا ڳرا ڏنڊ ڪراچي وارن جي ڳچي ۾ پوڻ شروع ٿي ويا آهن. اهو انڪشاف گذريل ڏينهن هڪ ڪار نمبر جي مالڪ(AAR 540) کي ملندڙ 10 هزار روپين جي ڳري ڏنڊ جي انڪوائري ۾ سامهون آيو.ڪراچي رجسٽريشن جي اها ڪار 22 مئي 1997 تي شاهراهه فيصل تي فياض سينٽر جي ڀرسان ڪار پارڪنگ مان چوري ٿي هئي جنهن جو ڪيس 97/122 صدر ٿاڻي ۾ هوٽل ملازم زاهد جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو.رپورٽ موجب 28 سالن کان هينئر تائين اها گاڏي برآمد ناهي ٿي سگهي پر گذريل هفتي انهي جي مالڪ کي سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ڏنڊ جو 10 هزار جو اي چالان مليو هو.انهي معاملي جي جاچ ڪئي وئي ته خبر پئي ته چوري ٿيل گاڏي مهراڻ ڪار هئي پر جنهن گاڏي جو چالان ٿيو اها سوزوڪي الٽو هئي. انهي سلسلي ۾ جڏهن وڌيڪ جاچ ڪئي وئي ته ڪراچي رجسٽريشن ساڳئي گاڏي اي اي آر 540 بلوچستان صوبي جي راڄڌاني ڪوئٽه ۾ رجسٽرڊ نڪتي.اختيارين موجب اها گاڏي بلوچستان کان ڪراچي آئي ته حب ريو روڊ تي حب ٽول پلازه جي ڀرسان گاڏي جو سيٽ بيلٽ نه پائڻ تي چالان ٿيو ۽ هڪ ئي طرح جي نمبر پليٽ هجڻ سبب انهي جو چالان ڪراچي جي پتي تي اچي ويو.ذريعن موجب بلوچستان ۾ گاڏين جي رجسٽريشن آن لائن نه ٿيڻ سبب اهڙيون گاڏيون ڪراچي پوليس جي لاءِ مٿي جو سور بنجڻ لڳيون آهن.










