ثمر قند(وييب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلن جي حوالي سان خطي جي هن تنظيم کي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ عملي اقدام ڪرڻ گهرجن،پاڪستان ۾ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 400 ٻارن سميت 1400 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، انفراسٽرڪچر ۽ فصلن کي به وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي. شهباز شريف چيو ته دنيا کي هن ڏکئي وقت ۾ مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو،افغانستان ۾ امن جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ امن هوندو ته خطي تي هاڪاري اثر پوندا. هن چيو ته افغانستان کي نظرانداز ڪرڻ وڏي غلطي هوندي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ معاشي ۽ مالي استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.










