ٻوڏ سبب 616 ڄڻا فوت ۽ 68 لکن کان وڌيڪ بي گھر ٿيا: شرجيل

ٻوڏ سبب 616 ڄڻا فوت ۽ 68 لکن کان وڌيڪ بي گھر ٿيا: شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ جي صورتحال تي اسپيشل ٽاسڪ فورس اهم فيصلا ڪيا ويا.پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي کي پمپنگ ذريعي روهڙي ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو.هن چيو ته نوشهروفيروز ۽ پڊعيدن ويجهو ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ٻوڏ جي ڪري هن وقت تائين 616 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بي گھر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 68 لکن کان وڌيڪ آهي.هن چيو ته حڪومتي رليف ڪئمپن ۾ 5 لکن کان وڌيڪ متاثر موجود آهن، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ جو نقصان 48 هزار کان وڌيڪ آهي، برسات ۽ ٻوڏ سبب 44 لک کان وڌيڪ ايڪڙ تي پوکيل فصل تباهه ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو