ٻن ڇوڪرين جو قتل، جج جو پٽ رمانڊ تي پوليس حوالي

ٻن ڇوڪرين جو قتل، جج جو پٽ رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گادي واري هائي ڪورٽ جي جج جسٽس محمد آصف جي گهٽ عمر واري پٽ جي تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ ٻن نوجوان ڇوڪرين جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. عدالتي مئجسٽريٽ شائسته خان ڪنڊي پوليس جي درخواست تي جسماني ريمانڊ جو حڪم جاري ڪيو. سيڪريٽريٽ پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيل فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) موجب، هي حادثو سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات دير سان اسلام آباد ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (PNCA) جي ويجهو پيش آيو، جتي مبينا طور تي هڪ تيز رفتار ڪاري رنگ جي گاڏي PNCA ۾ ڪم ڪندڙ ٻن ڇوڪرين کي ٽڪر هنيو، گاڏي جج جو نابالغ پٽ هلائي رهيو هو. فوت ٿيندڙ ڇوڪريون اسڪوٽر تي سوار هيون جڏهن انهن کي گاڏي ٽڪر هنيو ۽ اهي ٻئي ڇوڪريون موقعي تي ئي فوت ٿي ويون هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽڪر کان پوءِ گاڏي فوري طور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي وئي. سب انسپيڪٽر محمد اصغر پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پوليس رجسٽريشن نمبر جي مدد سان گاڏي جو پتو لڳايو ۽ پوءِ هڪ نجي اسپتال پهتي جتي ملزم کي طبي امداد لاءِ آندو ويو هو. بعد ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو، سندس ميڊيڪل ۽ فرانزڪ نمونا ورتا ويا ۽ گاڏي کي جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتو ويو. ڪيس۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جون شقون 279 (تيز ۽ لاپرواه ڊرائيونگ)، 322 (غير ارادي قتل)، ۽ 427 (نقصان پهچائڻ جي نيت سان شرارت) شامل ڪيون ويون آهن. تفتيسي آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته تفتيش مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ملزم جي ميڊيڪل رپورٽ جي تصديق، گاڏي جو معائنو ۽ اکين ڏٺل شاهديون شامل آهن. ريڪارڊ ۽ پوليس جي درخواست جو جائزو وٺڻ بعد عدالت وڌيڪ تفتيش لاءِ ملزم جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ڇڏيو. فوت ٿيل ڇوڪرين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز منتقل ڪيون ويون هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ ۽ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته گاڏي تيز رفتاري سان هلايل هئي يا لاپرواهي سبب حادثو پيش آيو. جڏهن⁠ته اختيارين متاثر خاندانن کي خاطري ڪرائي آهي ته مقدمو مڪمل ميرٽ تي هلائيندا. ياد رهي ته 2022 ۾اسلام آباد ۾ هڪ گاڏي، جيڪا مبينا طور تي لاهور هائي ڪورٽ جي هڪ جج جي ڌيءَ هلائي رهي هئي، ايڪسپريس وي تي سوان پل جي ويجهو ٻن ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو هو، ۽ ان مقدمي جي جاچ ڊگهي عرصي تائين تعطل جو شڪار رهي هئي. عدالتي ريڪارڊ ۾ موجود تفصيل موجب، 8 جون تي شڪيل تَنولي ۽ سندس ساٿي حسنين علي اڌ رات گهر وڃي رهيا هئا جڏهن هڪ گاڏي، جيڪا مبينا طور هڪ عورت هلائي رهي هئي، انهن کي ٽڪر هنيو هو. جولاءِ 2024 ۾ انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي اسلام آباد هائي ڪورٽ کي ٻڌايو هو ته هٽ اينڊ رن ڪيس ۾ ملوث گاڏي هڪ عورت هلائي رهي هئي ۽ اها سپريم ڪورٽ جي جج ملڪ شهزاد احمد جي استعمال هيٺ هئي. ساڳئي سال فيبروئي ۾ اسلام آباد جي هڪ مقامي عدالت سپريم ڪورٽ جي جج جي ڌيءَ شانزي ملڪ کي بري ڪري ڇڏيو هو. هي فيصلو جوڊيشل مجسٽرٽ عدنان يوسف ٻڌايو، جنهن ملزمه جي وڪيلن جي بريت واري درخواست منظور ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو