دوڙ (ن سنڌيار)سڱاوتي تڪرار تان ڪمبوه برادري جي قتل ٿيل ٻن ڀائرن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مهراڻ هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو پوليس ختم ڪرائي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن ڪمبوه برادري ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڀائرن اصغر ڪمبوه ۽ ارشد ڪمبوه جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي دوڙ پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي.مقتولن جي ڀاءُ عبدالمالڪ جي فرياد تي پنجن ڄڻن تي دوڙ ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي ھئي.جنھن کانپوءِ دوڙ پوليس ٽن جوابدارن ناصر ولد حنيف،شعيب ولد صادق،عبدالجبار ولد محمد حسين کي گرفتار ڪيو آهي. ڪيس داخل ٿيڻباوجود جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي مقتولن جي وارثن احتجاج ڪندي لاش دفائڻ کان انڪار ڪندي لاش مهراڻ هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو هو. جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪئي ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو. ڌرڻو ڇھن ڪلاڪن کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري کان پوءِ ختم ڪيو ويو.










