ٻن ضلعن کي پاڻي فراهمي نئين ۽ پراڻي ڪينال جي بحالي جو منصوبو شروع

ٻن ضلعن کي پاڻي فراهمي نئين ۽ پراڻي ڪينال جي بحالي جو منصوبو شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي ڪوششن سان ضلعي اولھ ۽ ضلعي ڪياماڙي ۾ پاڻي جي اضافي لاءِ نئين حب ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحالي جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو منصوبو ايندڙ هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو ويندو حب ڪينال منصوبي ۾ حب پمپنگ اسٽيشن رائزنگ مين ۽ حب فلٽر پلانٽ کي 80 مان 100 ايم جي ڊي تائين اپ گريڊ ڪيو ويندو منصوبي جي لاڳت 12.76 بلين آهي جيڪا فڪس لاڳت آهي ان منصوبي سان ڪراچي شهر بالخصوص ضلعي اولھ ۽ ضلعي ڪياماڙي ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ نمايان بهتري ايندي اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي نائب امير قاري محمد عثمان جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات جي دوران ڪيو ان موقعي تي اڳواڻ واٽر ڪارپوريشن جي اختيارين کي سائٽ ماڙي پور بلديا مومن آباد اورنگي ۽ منگھو پير ٽائون ۾ درپيش پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن کان آگاھ ڪندي ان ڳالھ تي زور ڏيندي چيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن سي او او واٽر ڪارپوريشن اڳواڻ کي سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جو يقين ڏياريندي لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي هدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن هن چيو تہ ميئر ڪراچي جي هدايتن تي شهر جي بهتري لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آھي جن جي مڪمل ٿيڻ سان تمام گهڻي بهتري ايندي هن چيو تہ موجودہ وقت شهر کي روزانو 1200 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي پر ان جي برعڪس هن وقت واٽر ڪارپوريشن جي سسٽم ۾ روزانو صرف 650 ملين گيلن پاڻي دستياب آهي جنھن جي سڄي شهر ۾ منصفاڻي ورڇ ڪئي پئي وڃي ۽ واٽر ڪارپوريشن شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي ملاقات جي دوران جي يو آئي اڳواڻ قاري محمد عثمان واٽر ڪارپوريشن جي اختيارين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪندي چيو تہ واٽر ڪارپوريشن موجوده وقت پاڻي جي کوٽ جي باوجود شهر ۾ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کڻڻ ۾ ڪا بہ ڪسر نہ ڇڏيندو ان موقعي تي هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ اهڙن عناصرن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جنهن ڪجھ ڏينهن اڳ واٽر ٽينڪرن کي روڪي ۽ انهن جا والوز کولي ڪري پاڻي ضايع ڪيو ھو تہ جيئن مستقبل ۾ اهڙي غلط عمل کي ورجائي نہ سگهجي جڏهن تہ مستقبل ۾ اهڙن غلط ڪمن کي قابو ڪرڻ جي لاءِ اثرائتي حڪمت عمليون پڻ اختيار ڪيون وڃن ڇاڪاڻ تہ پاڻي ضايع ڪرڻ هڪ غير قانوني ۽ غير اخلاقي عمل آهي ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن عوام کي سرڪاري هائيڊرنٽس جي ذريعي جنرل پبلڪ سروس تحت رعايتي قيمتن تي پاڻي فراهم ڪري ٿو جيڪو مختلف مسجدن مدرسن امام بارگاهن اسپتالن اسڪولن ۽ سرڪاري ٽينڪن ۾ فراهم ڪيو ويندو آھي جنهن ۾ رڪاوٽ ڪنهن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪئي ويندي ملاقات جي دوران سيد اڪبر شاھ هاشمي قاضي امين الحق آزاد مولانا عظيم الله عثمان سيد عبدالسلام شاھ قاري اشرف مينگل عبدالله بسمل انعام الرحمان مولانا عقيل سميت واٽر ڪارپوريشن جا ظفر پليجو ۽ آفتاب عالم چانڊيو موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو