مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻئي مرحلي جي چونڊن کان اڳ اسان جا مطالبا مڃيا وڃن.
هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته اسان وٽ 30 پولنگ اسٽيشنن تي قبضي جا ثبوت آهن، ڪشميري ان سياسي پارٽي کان نفرت ڪن ٿا جنهن جو وزير چوي ٿو ته راولاڪوٽ جا شهري ڪشميري نه آهن، ڪشمير جو فيصلو ڪشمير ڪندو ۽ ٻيو ڪو نه ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته جيستائين سچائي ۽ مصالحت ڪميشن جاچ ڪري رپورٽ پيش نه ڪري، وڌيڪ احتجاج نه ٿيڻ گهرجن.
هن وڌيڪ چيو ته مظفر آباد جي ماڻهن لاءِ انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وڃي.










