ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي تازن رجحانن ۽ اڳڀرائي کان هم آهنگ رهڻ لاءِ تڪڙا فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون تعليم ۽ تربيت جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائين يونيورسٽيون خاص طور تي آئي ٽي جي شعبي ۾ اعليٰ معيار هنرمند گريجوئيٽس تيار ڪن يونيورسٽيون آن لائن ۽ هائبرڊ ذريعي تعليم جي مدد سان وڏي انگ ۾ گريجوئيٽ پيدا ڪن سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي انساني وسيلن جي فڪري ترقي ۾ سرمايو لڳائڻ گهرجي ايوان صدر جي پريس ونگ مطابق هو پاڪستان ايئرفورس ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جي سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو آهي صدر ڊاڪتر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي 22 ملين اسڪولن کان ٻار ٻارڙن کي اسڪولن ۾ آڻڻ، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلائن جي شرح کي به بهتر بنائڻو پوندو پاڪستان ۾ رڳو 90 سيڪڙو شاگرد ايف ايس سي کان پوءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا پاڪستان هر سال آئي ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ رڳو 35000 گريجوئيٽس پيدا ڪري ٿو رڳو 35 هزار آئي ٽي گريجوئيٽس مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهن هن چيو ته پاڪستان کي ٻين ملڪن سان رفتار برقرار رکڻ لاءِ آئي ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ گريجوئيٽس جي تعداد ۾ بهتري آڻڻ گهرجي يونيورسٽيون پنهنجي فزيڪل انفرااسٽرڪچر کي اثرائتي نموني سان استعمال ڪن وڌيڪ شفٽون متعارف ڪرائين يونيورسٽين ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ لاءِ آن لائن تعليم جي حجم ۾ اضافو ڪن صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جي 52 سيڪڙو سائبر سيڪيورٽي ماهرن وٽ ڪائي ڊگري نه آهي آن لائن تعليم ذريعي پاڻ کي هنر سان سرشار ڪيو هن چيو ته پاڪستان آئي ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي مهارتن جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ آئن لائن پروگرام ڊيجي اسڪلز متعارف ڪرايو ڊيجي اسڪلز پروگرام سان هن وقت تائين 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو وٺي چڪا آهن صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 70 هزار شاگرد ايف ايس سي جو امتحان پاس ڪن ٿا سيٽن جي گهٽتائي ۽ محدود وسيلن جي ڪري رڳو 8 هزار شاگرد ئي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخل حاصل ڪري سگهن ٿا.










