اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مقرر ڪيل رٽرننگ آفيسر اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جا اسلام آباد جي سينيٽ جي جنرل سيٽ لاءِ نامزدگي فارم منظور ڪري ڇڏيو آهي. هو سينيٽ جي 3 مارچ تي اعلانيل چونڊ ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ جي اميدوار سندس نامزدگي فارم چيلينج ڪندي چيو هو ته کيس سپريم ڪورٽ 5 سالن لاءِ نا اهل قرار ڏنو هو، سندس خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن ۽ هن ان بابت معلومات لڪائي آهي. رٽرننگ آفيسر چيو ته اعتراض ڪندڙ کي موقعو ڏنو ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد هو ان نتيجي تي پهتو آهي ته ڪنهن به ڪيس ۾ کيس سزا ناهي ملي، سپريم ڪورٽ پاران 5 سالن لاءِ نا اهلي جي مدت 2017 ۾ ختم ٿي چڪي آهي هو چونڊ وڙهڻ جو اهل آهي. ياد رهي ته يوسف رضا گيلاني پي ڊي ايم جو متفقه اميدوار آهي حفيظ شيخ سان سندس مقابلو آهي، ذاتي تعلقات ۽ پير پاڳاري سان مٽي مائٽي، ايم ڪيو ايم ۽ حڪمران جماعت ۾ دوستين سبب سندس دعويٰ آهي ته هو سينيٽ جي چونڊ کٽي ويندو، جيڪڏهن ايئ.ن ٿيو ته اهو سياسي طور عمران خان تي عدم اعتماد هوندو.










