يوسف رضا گيلاني جي گهر ۾ باهه،جاني نقصان ناهي ٿيو:ترجمان

يوسف رضا گيلاني جي گهر ۾ باهه،جاني نقصان ناهي ٿيو:ترجمان

ملتان: (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي گهر ۾ باهه لڳي وئي. ريسڪيو اختيارين موجب باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، ٻن ڪمرن ۾ سامان سڙي ويو، جڏهن ته ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.گيلاني هائوس جي ترجمان ٻڌايو ته گيلاني هائوس ٻاهران واپڊا اهلڪار ٿنڀي تي ڪم ڪري رهيا هئا، اوچتو بيڊ روم ۽ ڊرائنگ روم ۾ باهه ڀڙڪي پئي. ترجمان چيو ته مين سوئچ آف ڪرڻ باوجود بجلي بند نه ٿي، گهر ۾ يوسف رضا گيلاني، حيدر گيلاني ۽ عبدالقادر گيلاني موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو